گوگل
The Googleplex گوگل پليڪس,گوگل جو اصل ۽ وڏو ڪارپوريٽ ڪيمپس | |
قسم | ماتحت Subsidiary |
---|---|
صنعت | |
قيام | سيپٽمبر 4, 1998 منلو پارڪ، ڪيليفورنيا[1][2] |
باني | |
صدر دفتر | Googleplex گوگل پليڪس, مائونٽين ويو, ڪيليفورنيا، U.S.[3] |
متناسقات | 37°25′19″N 122°05′03″W / 37.422°N 122.084058°W |
خدمتي علائقو | Worldwide |
اھم شخصيتون | سُندر پِچَائيي Sundar Pichai (سي اي او CEO) |
صنعتي پيداوار | List of Google products |
آمدني | US$66.001 billion (2014)[4] |
آپريٽنگ آمدني | US$16.496 billion (2014)[4] |
خالص آمدني | US$14.444 billion (2014)[4] |
ڪل اثاثا | US$131.133 billion (2014)[4] |
ڪل ايڪوئيٽي | US$104.5 billion (2014)[4] |
ملازم | 59,976 (Q3 2015)[5] |
اصل مالڪ | Independent (1998–2015) الفابيٽ انڪ. (2015–present) |
ماتحت ادارا | List of subsidiaries |
ويب سائٽ | www |
حاشي / حوالا [6] |
گوگل (انگريزي ٻولي: Google) هڪ سرچ رٿا طور جنوري 1996ع ۾ ليري پيج (Lerry page) ۽ سرجي برن (Sergey Brin) شروع ڪيو هو، جيڪي اسٽينفورڊ يونيورسٽي ڪيليفورنيا ۾ پي ايڇ ڊي جا شاگرد هئا. گوگل شروع ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته ڪا اهڙي ڳولا انجڻ (Search Engine) ٺاهجي، جيڪا ان دور جي ڳولا انجڻ جي مقابلي ۾ وڌيڪ نتيجا گهٽ وقت ۾ ڏيکاري. گوگل جو شروعاتي نالو ”Back Rub“ هو. ان کان پوءِ 14 سيپٽمبر 1997ع ۾ گوگل ڪام جو domain رجسٽر ٿي ويو ۽ 7 سيپٽمبر 1998ع ۾ Google Inc نالي ڪوٺي کولي وئي. گوگل ڳولا جي دنيا کان سواءِ ٻيون به ڪافي شيون متعارف ڪرايون آهن، جن ذريعي اڄ دنيا ۾ ڪا به شَيِ ناممڪن ناهي رهي. اچو ته توهان سان انهن شين جو تعارف ڪرايون.[7][8]
لوڪل گوگل
[سنواريو]گوگل پاڻ کي مختلف ٻولين ۾ متعارف ڪرائڻ کان پوءِ هاڻي پنهنجي لوڪل سروس شروع ڪري رهي آهي، جيڪا في الحال Beta آهي ۽ صرف يونائيٽيڊ اسٽيٽ وارا ڪم آڻي سگهن ٿا. گوگل موبائل: گوگل جي هن سهوليت ذريعي اوهان پنهنجي موبائيل متعلق هر ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. ان جي ايڊريس آهي: http://mobile.google.com.
گوگل پرنٽ
[سنواريو]گوگل جي هيءَ سروس دنيا جي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن بابت ڄاڻ مهيا ڪري ٿي. گوگل پرنٽ
گوگل ڪٿڻي
[سنواريو]گوگل جي هن سهوليت سان توهان به حساب جو نتيجو طريقي سان گڏ حاصل ڪري سگهو ٿا. مثال، گوگل سرچ باڪس ۾ لکو (3-5 ).
گوگل وصف
[سنواريو]گوگل جي هن سهوليت ذريعي اوهان ڪنهن به لفظ جي معنيٰ يا تشريح معلوم ڪري سگهو ٿا. گوگ سرچ باڪس ۾ لکو: Define.personal computer.
موويز
[سنواريو]گُوگل موويز تي توهان موويز يعني فلمون ۽ انهن تي تبصرا پڻ ڏسي سگهو ٿا.
فون بوڪ
[سنواريو]گوگل فون بوڪ[مئل ڳنڍڻو] جي مدد سان توهان آمريڪا جي آفيسن يا گهرن جا نمبر ڳولي سگهو ٿا.
گوگل موسم
[سنواريو]گوگل ذريعي اوهان ڪنهن به شهر جي موسم بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. مثال weather:Hyderabad Pakistan جنهن جي مدد سان اوهان حيدرآباد پاڪستان جي موسم جو حال معلوم ڪري سگهو ٿا.
گوگل سفر
[سنواريو]ڪنهن به هوائي اڏي جي موسم يا جهازن جي دير سوير جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ گوگل سرچ باڪس ۾ لکو، هوائي اڏي جو 3 عددي ڪوڊ ۽ لفظ ايئر پورٽ. مثال: airport code. گوگل يونيورسٽي: گوگل يونيورسٽيءَ جي مدد سان توهان ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي وغيره جي ويب سائيٽ تي وڃي سگهو ٿا ۽ ان بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا .www.google.com/options/universities.html . گوگل ڊائريڪٽري: گوگل ڊائريڪٽريءَ ۾ توهان کي گوگل جي هر هڪ فيچر جي ڄاڻ ملندي. گوگل نقشا: هن سهوليت وسيلي توهان ڪنهن به علائقي جون سيٽلائيٽ تصويرون ڏسي سگهو ٿا.
جي ميل
[سنواريو]گوگل gmail آرڪائيو ڪيا ويا December 3, 2015, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. نالي ڊومين تي برق ٽپال جي سهوليت پڻ ڏي ٿو، جيڪا توهان کي 2 گيگا ٻاٽڻ Giga Bytes اسٽوريج مهيا ڪري ٿي.
گوگل ويڊيو
[سنواريو]گوگل ويڊيو جي مدد سان توهان ڪا به فلم يا ڪو به ڊرامو يا گانو ڳولي سگهو ٿا.
مٿين کان علاوه گوگل جون ڪيتريون ٻيون به سهوليتون به آهن ۽ انهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي.
پڻ ڏسو
[سنواريو]- ↑ "Company". Google. حاصل ڪيل January 16, 2015.
- ↑ Claburn, Thomas. "Google Founded By Sergey Brin, Larry Page... And Hubert Chang?!?". InformationWeek. حاصل ڪيل August 31, 2011.
- ↑ "Locations - Google Jobs". Google.com. حاصل ڪيل September 27, 2013.
- ↑ 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 "Google Inc. 2013 Annual Report Form (10-K)" (XBRL). United States Securities and Exchange Commission.
- ↑ "Google Inc. Announces Third Quarter and Fiscal Year 2015 Results". Google.
- ↑ "Google Inc. Annual Reports". Google Inc. حاصل ڪيل August 29, 2014.
- ↑ Brin, Sergey; Page, Lawrence (1998). "The anatomy of a large-scale hypertextual Web search engine". Computer Networks and ISDN Systems 30 (1–7): 107–117. doi:. http://infolab.stanford.edu/pub/papers/google.pdf.
- ↑ Barroso, L.A.; Dean, J.; Holzle, U. (April 29, 2003). "Web search for a planet: the google cluster architecture". IEEE Micro 23 (2): 22–28. doi:. https://semanticscholar.org/paper/8db8e53c92af2f97974707119525aa089f6ed53a. "We believe that the best price/performance tradeoff for our applications comes from fashioning a reliable computing infrastructure from clusters of unreliable commodity PCs.".
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Wikipedia indefinitely semi-protected pages
- Use American English from April 2015
- All Wikipedia articles written in American English
- Use mdy dates from December 2015
- سانچا
- Coordinates not on Wikidata
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از October 2023
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- گوگل
- ورلڊ وائڊ ويب
- ڪمپيوٽر سائنس