[go: up one dir, main page]

مواد ڏانھن هلو
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 18,366 مضمون آهن.
چونڊ مضمون

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي 18 سيپٽمبر 2024ع تي ميرپور خاص جي سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ توهين الزام هيٺ ماورائي عدالت پوليس مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو. 17 سيپٽمبر تي شاهنواز ڪنڀر مٿان بنا تصديق جي فيسبڪ پوسٽن ذريعي توھين رسالت جو الزام لڳايو ويو. جنهن سبب مقامي امام، صابر سومرو پاران هڪ آيف آئي آر داخل ڪرائي وئي. ايف آئي آر کان پوءِ شاهنواز کي عمرڪوٽ جي سول اسپتال ۾ سندس عهدي تان معطل ڪيو ويو. پوليس تي تنقيد تڏهن شروع ٿي، جڏهن ال خدمت فائونڊيشن پاران شاهنواز جي قتل ٿيڻ کانپوءِ عمرڪوٽ ۾ مذهبي جماعتن ۽ وڳوڙين سان گڏ پوليس آفيسرن، ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي چوڌري اسد، ۽ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي پير امير بخش جيلاني تي 5 مڻ کان وڌيڪ گل نڇاور ڪيا ويا. ان کان علاوه، ايس ايس پي آفيس ۾ ريڊ ڪارپيٽ وڇائي، انهن مٿان گل وڇايا ويا ۽ گلن جا هار پارايا ويا.

خبرن ۾
يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟
2008ع تي ويلو ناچيار جي تصوير انڊيا جي ٽپال ٽڪلي تي جاري ڪئي ويئي.
2008ع تي ويلو ناچيار جي تصوير انڊيا جي ٽپال ٽڪلي تي جاري ڪئي ويئي.
  • ... تہ ڪرھو اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو لوڪ گيت آهي جنھن کي اوٺي سفر دؤران ڏاڍي درديلي نموني ڳائيندا آهن.
  • ... تہ دور جاھليت ۾ اھل عرب لات جي پوڄا ڪندا ھئا، جيڪو ھن وقت سعودي عرب جي شھر طائف ۾ رکيل آھي.
  • ... تہ سکر ۾ 1895ع ۽ 1915ع ۾ طاعون جي وبا پکيڙي جنھن سبب ھزارين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا.
  • ... تہ ويلو ناچيار کي تامل ماڻھو سورهيه عورت جي لقب سان ياد ڪن ٿا، ھي پھرين راڻي ھئي جنھن برطانوي راڄ خلاف مزاحمت ڪئي.
  • ... تہ تاريخ معصومي مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنھن کي سنڌ بابت لکيل فارسي تاريخن مان هڪ آڳاٽو ۽ جهونو ڪتاب تصور ڪيو ويندو آهي.
اڄ جو قول

وڪيپيڊيا:اڄ جو قول/نومبر 12

اڄ جو لفظ

3

پاڃاري
هڪ قسم جو زرعي اوزار آهي.
نار، ڍڳي گاڏي، ڇَڪڙي ۾ جانور جوٽڻ لاءِ ڪم ايندي آهي.
پاڃاري جو جمع پاڃاريون ٿيندو.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 18,366 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو
بھترين مضمون

هندستاني مذهب، ڪڏهن ڪڏهن ڌرمي مذهبن يا هندستاني مذهبن کي پڻ سڏيو ويندو آهي، هي اهي مذهب آهن جيڪي هندستاني برصغير ۾ پيدا ٿيا آهن. جن ۾ ٻڌمت ، هندوڌرم ، جين ڌرم ، ۽ سک ازم شامل آهن. جيتوڻيڪ هندستاني مذهب هندستان جي تاريخ سان ڳنڍيل آهن، هي مذهب، مذهبي برادرين جو هڪ وسيع سلسلو آهن، هي رڳو هندوستان تائين محدود ناهن. هندوستاني برصغير ۾ قديم مذهب جا ثبوت ميزوليٿڪ دور جنهن کي پٿرن وارو دور به سڏجي ٿو، جي جابلو غارن اندر ٺهيل چٽسالين مان مليا آهن. سنڌو ماٿري جي هڙاپائي ماڻهن جي تهذيب، جيڪا 3300 کان 1300 ق.م. (بالغ دور 2600-1900 ق.م.) تائين رهي هئي. اها هاڙاپائي تهذيب ۽ ان سان گڏ سنڌو تهذيب هڪ ابتدائي شهري ثقافت ۽ نظام هئي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي ويدڪ مذهبن کان به اڳ واريون تهذيبون هيون هندوستاني مذهبن جي تاريخ، جڏهن لکت جي شڪل ۾ سامهون آهي، اتان شروع ٿي ٿئي ڇو ته ان کان اڳ ڪنهن کي ڄاڻ ناهي ته اهي ڪيئن شروع ٿيون ۽ اڀريون، تڏهن ئي هندوستاني مذهبن جي تاريخ ويدڪ مذهبن کان شروع ٿئي ٿي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اهي ويد سنڌو نديءَ جي ڪنارن ۽ ڪَپن تي ويهي آرين لکيا هئا. انهن شاعراڻي انداز ۾ لکتن کي ويد ۽ اگامس چيو ويندو آهي، سمجهيو ويندو آهي ته اگامس دراوڙي نسل جي ماڻهن لکيا هيا، جڏهن ته ويدن کان پتو پئي ٿو ته اهي شروعاتي هند-آريائي ماڻهن جا ثقافتي، سماجي ۽ مذهبي طريقا هئا. اڄڪلهه ته ان تي به بحث هلي ٿو پيو ته ڪجهه ڊي اين اي رپورٽن آرين جو هندوستان ۾ اچڻ کي چيلينج ڪيو آهي. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ممڪنه اهي لکتون هتان جي مقامي ماڻهن لکيون هونديون. انهن مذهبي خيالن ۽ انهن جي لکڻين جي ترتيب، ترميم، تبصرن ۽ بحث مباحثن جي دور کي ويدڪ دور چيو ويندو آهي ۽ اهي ويد تقريباً 1750 کان 500 ق. ۾ لکيا ويا هئا. ويدن جي فلسفانه ڪتابن کي اُپشندن چيو ويندو آهي. اُپشند نثر ۾ لکيل فلسفي وارا ڪتاب آهن، جيڪي ويدن جي شعرن جي شرح آهن. هنن جو تعداد ڏيڍ کان ٻه سئو ٻڌايو وڃي ٿو، جن کي عام طور تي ويدانت - Vendanta پڻ چيو ويندو آهي. ويدانتا Vedānta کي ٻن مختلف طرح سان تشريح ڪئي وئي آهي پهرين تشريع ۾ چوندا آهن ته ويدانيت ان هندي مذهب جا آخري باب ۽ حصا آهن، ٻيو چيو ويندو آهي ته ويدانتا جو مطلب ئي اهو‌ آهي ته موجوده ويدن جو مقصد ئي سڀ کان بلند مقصد آهي يا کڻي ائين سمجهجي ته ويدانت لفظ جي معنيٰ آهي ”ويدن جو انت“ يعني ويدن جي پوئين ڀاڱي ۾ ٻڌايل مت ۽ ويچار آهن، اهي ويدن جو پويون ڀاڱو اُپنيشد آهن. شروعاتي اپنشد عام دور Common Era کان اڳ جا آهن، يارنهن مکيه اپنشدن مان پنج اپشند ممڪن طور تي 6 صدي قبل مسيح کان اڳ لکيا ويا هئا ۽ خاص ڪري يوگا ۽ موڪش جنهن جو ابتدائي ويدن اندر ذڪر ٿيل آهي.

اڄ جو ڏينھن

اڱارو 12 نومبر 2024ع مطابق 9 جمادي الاول 1446ھ


وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/نومبر 12

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!
وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 18,366 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: ، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)